خيرپور (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال، رليف ۽ متاثرن جي بحالي بابت جوڙيل ڪاميٽي جو ٻيو اهم اجلاس ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ڊائريڪٽر آپريشن پي ڊي ايم اي امداد حسين صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا ۽ اقوام متحده جي فيلڊ آفيسر دودو خان سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر آپريشن پي ڊي ايم اي امداد حسين صديقي اجلاس دوران آفيسرن توڙي انجينئرن کي هدايت ڪئي ته اهي تعلقي ڪوٽڏيجي، ڪنگري، ٺري ميرواهه، خيرپور ۽ گمبٽ ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال بابت تفصيل فراهم ڪن، رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي. اجلاس ايگزيڪيوٽو انجنيئر پبلڪ هيلٿ ٽو جي ڪارڪردگي تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪندي کيس هڪ ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر آپريشن پي ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته هر کاتو پنهنجو ڪم مليل ٽاسڪ مطابق ڪرڻ جو پابند آهي، ان سلسلي ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.