خيرپور/پيرڳوٺ (نمائندن وٽان) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت خيرپور ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال، رليف، بحالي ۽ ٻين اپائن تي عملدرآمد لاءِ پي ڊي ايم اي جي ري هيبليٽيشن جي سيڪريٽري محمد علي کوسو جي صدارت ۾ تعلقه ڪنگري جي احمد پور، تعلقه ڪوٽڏيجي جي اي سي آفيس ۽ ٽالپر وڏا ۾ کليل ڪچهري منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقصود حسين سومرو، اي ڊي اظهر سيال، ايڊيشنل ظفر عباس عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري علي گوهر مهيسر، تعلقه ڪوٽڏيجي جي دريا خان چانڊيو، اي ڊي اظهر سيال سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. کليل ڪچهري ۾ متاثرن طرفان ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ، روڊن رستن جي بحالي،  اسڪولن ۾ استادن جي مقرري، مڇر مار اسپري، اينيمل ماسڪيٽو نيٽ، مڇر دانيون، نئين سر سم نالي جي تعمير، ميٽرنٽي هوم، اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي مقرري ۽ پنجاب جيان سنڌ ۾ برسات متاثرن کي راشن ڏيڻ ۽ مالي سهائتا جي گُهر ڪئي وئي. ان موقعي تي  پي ڊي ايم اي جي بحالي بابت مقرر سيڪريٽري محمد علي کوسو ڊي ايچ او کي هدايت ڪئي ته احمد پور ۾ الڳ ميٽرنٽي هوم ٺاهي ڏنو وڃي، اسڪولن ۾ استادن جي مقرري لاءِ ٽائون ايجوڪيشن آفيسر کي هدايت ڪئي ته ٻن ڏينهن ۾ استاد مقرر ڪيو وڃي. هن انجنيئر پبلڪ هيلٿ کي هدايت ڪئي ته ڊرينيج بابت اسڪيم ٺاهي پي ڊي ايم اي کي موڪلي وڃي ته جيئن عدالت کان اسڪيم کي جلد مڪمل ڪرائڻ بابت درخواست ڪئي وڃي. محمد علي کوسو چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آيا آهيون ماڻهن کي رليف ۽ سهولتون ڏيڻ اسانجو فرض آهي.هوڏانهن ڪوٽڏيجي ۾ کليل ڪچهري ۾ تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي ۾ ايمبولينس ۽ ڊاڪٽرن جي غفلت بابت شڪايتن تي سيڪريٽري محمد علي کوسو چيو ته مليل شڪايتن بابت سيڪريٽري هيلٿ سان ڳالهائي انڪوائري ڪرائي ويندي.