ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) جماعت اسلامي وفاقي بجيٽ کي وياجي بجيٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام دشمن  بجيٽ ۾ مهانگائي جي ماريل عوام کي ڪو رليف ناهي ڏنو ويو، ان حوالي سان جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي سان تعلق رکندڙ وزيرن ۽ صلاحڪارن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ ڪٽوتي بدران واڌ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. بجيٽ ۾ وياج خورن جا جاوا ۽ عوام لاءِ تباهي آهي. بجيٽ جو وڏو حصو وياج تي ورتل قرضن جي واپسي ۾ ويندو. هن چيو ته عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي ٺاهيل بجيٽ کي ردڪريون ٿا. عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ وقت 13 جماعتن واري اتحادي حڪومت جيڪي خواب ڏيکاريا هئ،ا انهن مان هڪ به خواب سچو ثابت ناهي ٿيو.