اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن جي پنهنجي ئي حڪومت جي پيش ڪيل بجيٽ تي سخت تنقيد، حڪومتي ميمبر پاڻ ۾ اٽڪي پيا، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ تقرير ڪندي پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر طاهر صادق بجيٽ تي سوال اٿاري ڇڏيا، هن چيو ته ٻڌايو وڃي 3 هزار ارب کان وڌيڪ جو خسارو ڪيئن پورو ڪندا، ڇا نوان ٽيڪس لڳايا ويندا يا قرض ورتو ويندو؟ هن چيو ته وزيراعظم تبديلي آڻڻ چاهي ٿو اڻ چونڊيل خصوصي معاونن جو گروپ تبديلي نٿو چاهي، بيورو ڪريسي ۽ ڪرپشن کي ڪنٽرول نه ڪيو ته ايندڙ اليڪشن نه کٽي سگهنداسين، پي ٽي آءِ جي طاهر صادق چيو ته مان چاپلوسي نه ڪندو آهيان، اسد عمر اٽڪ ضلعي کي نظر انداز ڪيو، تربيلا ۽ غازي بروٿا جي رائلٽي جا پيسا اٽڪ کي نه ٿا ملن، پي ٽي آءِ جي نور عالم خان به پنهنجي ئي حڪومت جي بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته مون کي ڪنهن جو فڪر ناهي، عوام جو فڪر آهي، ڪي پي ڪي ۾ ڪنهن جي لاءِ جيڪڏهن ڪجهه رکيو ويو آهي ته اهي نيب لاءِ سهولتون رکيون ويون آهن، ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي، دوائن جي قيمتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿي ويو آهي، ايتري مهانگائي ۾ 15 کان 20 هزار پگهار کڻندڙ ڪيئن گذارو ڪندو، جڏهن ته اجلاس دوران حڪومتي ميمبرن وچ ۾ سخت تلخ ڪلامي ٿي پئي، پي ٽي آءِ ميمبر هڪ ٻئي سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا، پي ٽي آءِ جي سيف الرحمان ۽ عالم خان ۾ منهن ماري ٿي، ٻين ميمبرن وچ ۾ اچي جهيڙو ٽاريو.