اسلام آباد: بجيٽ سيشن ۾ ڪم ڪندڙ  قومي اسيمبلي، سينيٽ جي ملازمن، بجيٽ ڪوريج ڪندڙ اي پي پي، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، سي ڊي اي، پي آءِ اي جي ملازمن کي 2 بنيادي پگهارون اعزازيي طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، بجيٽ سهيڙڻ جي تقرير دوران ناڻي وزير ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجيٽ سيشن دوران ڪم ڪندڙن ملازمن کي 2 پگهارون ملڻ گهرجن،انهن کي پنهنجا کاتا نه ڏيندا ته ناڻي وزارت کين رقم فراهم ڪندي، ان کانسواءِ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ سي ڊي اي، ريلوي، پي آءِ اي جي ملازمن کي به 2 پگهارون ڏنيون وينديون.