اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ مالي سال 2023-24ع جي بجيٽ جي تياري جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق اجلاس ۾ معاشي ٽيم طرفان وزيراعظم کي بجيٽ جي تياري تي بريفنگ ڏني وئي، آمدني ۽ ٽيڪسن جي حوالي سان هن سال جي نظرثاني ٿيل ۽ ايندڙ سال جي ٽارگيٽ تخمينن تي به بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عام ماڻهن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا، هن اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت جي وقت سر حڪمت عملي سان يوريا ڀاڻ جون قيمتون مسلسل گهٽ ٿي رهيون آهن هاري خوشحال ٿيندو پر ملڪ زرعي جنسن ۾ پاڻ ڀرو ٿيڻ طرف وڌندو، وزيراعظم خوشي جو اظهار ڪيو ته گذريل مهينن ۾ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو، ان کانسواءِ وزيراعظم پينشن ريفارمز کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي هڪ پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي هن چيو ته ٽيڪس وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينا کان منظوري کان پوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستاني معيشت مالياتي استحڪام جي طرف وڌي رهي آهي ۽ مالياتي خساري ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي.