اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي في يونٽ 4 رپين تائين مهانگي، ڪراچي واسين لاءِ بجلي سستي ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 10 رپيا 26 پئسا گهٽتائي جو امڪان آهي. رپورٽ موجب ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهٽتائي جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ٻڌڻي 30 جنوري تي ٿيندي. منظوري کان پوءِ ڪراچي جي بجلي صارفين کي 12 ارب رپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو. هوڏانهن نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 49 پئسا کان 4 رپيا 46 پئسا في يونٽ تائين واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب اها واڌ لائف لائن واهپيدارن کي ڇڏي ڊسڪوز سميت سڀني واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي اها واڌ لاڳو نه ٿيندي.