اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 3 رپيا 23 پئسا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيپرا وفاقي حڪومت طرفان بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيپرا بجلي 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت وٽ درخواست منظور ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه حل ناهي. نيپرا چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته هن سرچارج سان گردشي قرض جو دٻاءُ ڪنٽرول ٿيندو يا 2600 ارب جو اسٽاڪ به گهٽ ٿيندو؟ پاور ڊويزن چيوته 209 ارب جيڪي گهري رهيا آهيون ان سان گردشي قرض جو فلو گهٽ ٿيندو. گذريل سال سرڪلر ڊيٽ 536 وڌيو هو ۽ ايندڙ سال جو اندازو به اوترو ئي آهي. 335 ارب مان 126 ارب پي ايڇ ايل مارڪ اپ لاءِ آهي.
نيپرا چيئرمين چيو ته مارڪ اپ کان پوءِ بجلي جي قيمت 30 رپيا ٿي ويندي. جڏهن قيمت وڌندي ته بجلي جي طلب گهٽ ٿيندي ۽ چوري وڌندي. جنهن ڊائريڪشن ۾ اسان هلي رهيا آهيون ان سان پاور سيڪٽر ۾ بهتري نه ايندي. نيپرا ميمبر چيو ته گردشي قرض کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وزارت وٽ ڪوبه پلان نه آهي. جيڪڏهن فيڊر آئوٽ سروس جو ئي پلان آهي ته پوءِ گردشي قرض 3 هزار ارب تائين پهچي ويندو. ياد رهي ته نيپرا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي 3 رپيا 30 پئسا جو سرچارج لڳايو هو.