اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بجلي وڌيڪ 8 رپيا يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي، نيشنل اليڪٽرڪ  پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) موجب سي پي پي اي بجلي اگهن ۾ 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڏني آهي، جيڪا مئي جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي. نيپرا موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ اٿارٽي جي درخواست تي ٻڌڻي 27 جون تي ٿيندي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مئي ۾ فرنس آئل سان 8.80 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ فرنس آئل سان 33 رپيا 67 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ٿي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مقامي گئس سان 10 سيڪڙو، درآمدي ايل اين جي سان 22.89 سيڪڙو ۽ پاڻي سان 24.50 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. مئي لاءِ فرنس لاڳت 5 رپيا 93 پئسا في يونٽ مقرر هئي پر سي پي پي اي طرفان درخواست 7 رپيا 96 پئسا في يونٽ جي ڏني وئي آهي.