اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا بجلي وڌيڪ مهانگائي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي، بجلي اگهن ۾ 21 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ( سي پي پي اي ) ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، نيپرا 29 سپٽمبر تي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. سي پي پي اي درخواست ۾ چيو آهي ته آگسٽ جي مهيني 13 ارب 63 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي، بجلي جي گڏيل لاڳت 137 ارب رُپيا رهي، فرنس آئل مان 35 رُپيا في يونٽ مهانگي ترين بجلي پيدا ڪئي وئي، ايل اين جي ذريعي بجلي جي لاڳت 24 رُپيا في يونٽ رهي. سي پي پي اي چيو ته ايران مان 20 رُپيا في يونٽ بجلي درآمد ڪئي وئي، ڪوئلي مان بجلي جي پيداواري لاڳت 20 رُپيا في يونٽ رهي،جڏهن ته  27 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي ور چڙهي وئي.