اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ اندر بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن حوالي ڪرڻ جو فيصلو، ڪاميٽي قائم، تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ اندر بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن حوالي ڪرڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي وزير اسحاق ڊار، بجلي جي وزير خرم دستگير خان، وفاقي وزير عابد ڀيو، مصدق ملڪ، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبر پختونخوا جي نگران وزيراعليٰ، پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾  بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن حوالي ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪندي ان حوالي سان مامرن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ وزيراعظم ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪاميٽي کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي جلد کان جلد صوبن حوالي ڪرڻ بابت حڪمت عملي کي حتمي صورت ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف شهباز شريف چيو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت صوبن سان گڏجي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي حڪمت عملي به مرتب ڪري ڇڏي آهي، بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي آهي جيڪا ڪاميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ان حوالي سان ٽرمس آف ريفرنس ۽ مدت جو تعين ڪندي، هن چيو ته وفاق صوبن جي سگهه وڌائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل معاونت فراهم ڪندو، صوبن وٽ بجلي بلن جي وصولي لاءِ بهترين انتظامي ڍانچو موجود آهي، جنهن سان گردشي قرض کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.