اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگائي جي ماريل عوام کي بجلي جو جهٽڪو، حڪومت بجلي جي قيمت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 1 رپيو 25 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني آهي، بجلي جي قيمتن ۾  ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن بعد نيپرا قيمت  واڌ جي منظور ڏني، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جنوري کان مارچ تائين جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ وصول ڪئي ويندي، قيمتن ۾ واڌ هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين لاڳو هوندي. بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي صورت ۾ عوام تي 46 ارب رپين جو اضافي بار پوندو جڏهن ته نيپرا پاران بجلي جي قيمتن  بابت تفصيلي فيصلو  بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.