بجلي جي لوڊشيڊنگ ، حڪومتي ميمبر به احتجاج تي مجبور

0
269
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

شايد ئي ڪڏهن ايئن ٿيو هجي جو حڪومتي بئنچن تي ويٺل ميمبر قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي نگراني ۾ هلندڙ ادارن ۽ ڪمپنين تي ايئن کليل تنقيد ڪن ۽ اهو اعتراف ڪن ته انهن ڪمپنين جي خراب ڪارڪردگي سبب کين عوام گاريون ڏئي رهيو آهي .مخالف ڌر جا ميمبر ته اڪثر حڪومت کي آئينو ڏيکاريندا رهندا آهن پر انهن جي تنقيد کي مخالفن جي هروڀرو تنقيد سمجهي حڪومت نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهي يا انهن تي ڌيان نه ڌريندي آهي پر جڏهن پنهنجي بئنچن تي ويٺل ميمبر دانهون ڪن ته سمجهڻ گهرجي ته معاملو ڪيترو خراب آهي ان جو تدارڪ نه ٿيو ته حڪومت لاءِ اڃان به وڌيڪ خراب صورتحال پيدا ٿي سهگي ٿي.ايئن به ناهي ته ڪو رڳو ڪنهن هڪ ميمبر پنهنجي ذاتي ڪاوڙ ۾ اها شڪايت ڪئي هجي ،پر گهڻن ميمبرن نه رڳو بجلي ڪمپنين پر پنهنجي توانائي واري وزير جي ڪارڪردگي کي به تنقيد جو نشانو بڻايو.
ٻه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪمران ڌر سان لاڳاپيل چئن ميمبرن بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڳالهائيندي چيو ته بجلي وڃي ٿي ته ماڻهو گاريون ٿا ڏين جڏهن ته توانائي وارو وزير کي خبر ئي ناهي ته ڪيتري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ،24 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي حيسڪو هجي يا سيپڪو يا پيسڪو انتظاميا وزير سان ڪوڙ ٿي ڳالهائي .حڪومتي ميمبرن اسميبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته بجلي سستي ڪيو ،اٽو سستو ڪيو، ايئن ڪم نه هلندو، جيڪڏهن بجلي جو ادارو ايڏو قرضي آهي ته ملازمن کي بجلي ڇو مفت ۾ ڏني ٿي وڃي. هڪ ميمبر ته چيو ته ايڪسين آفيس ويس ته اتي 3 ايئر ڪنڊيشنڊ هلي رهيا هئا .حڪومتي ميمبر جي اهڙي تقرير تي حڪومت توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن ڊيسڪون وڃائي کيس داد ڏنو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نه رڳو مخالف ڌر جا ميمبر پر حڪومتي ڌر جا ميمبر به توانائي وزير ۽ بجلي جي ڪمپنين مان مطمئن نه آهن. هونئن ته بجلي ڪمپنين جي ڪارڪردگي مان ملڪي عوام مان شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جيڪو مطمئن هجي پر جڏهن حڪومتي ميمبر به بنا ڊپ جي قومي اسيمبلي ۾ انهن ڪمپنين ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪن ته اها ڳالهه سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيڻ گهرجي ته حالتون حد کان وڌيڪ خراب آهن. بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ته هونئن ئي حال خراب هوندو آهي پر گرمين جي موسم ۾ ته حالت ابتر ٿي ويندي آهي، ٻهراڙين ۾ ته لڳندو آهي ڄڻ بجلي اچڻ جو نالو ئي نه وٺندي سڄي ڏينهن رات ۾ ڪي ڪلاڪ ٻه هوندا جڏهن بجلي ايندي هوندي. شهرن ۾ به 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيندگ هوندي آهي ۽ جڏهن بل ايندا آهن ته لڳندو ايئن آهي ڄڻ هر ماڻهو 24 ڪلاڪ ايئرڪنڊيشنڊ هلائيندو هجي جو ايڏا ڳرا بل موڪلي وڃن ٿا پر انهن بجلي ڪمپنين کان ڪير پڇڻ وارو ئي ناهي ته اهي عوام سان ايڏو ظلم ڇو ٿا ڪن. تنهن ڪري هاڻي ته مجبوري ۾ ئي سهي حڪومتي بئنچن مان به انهي ظلم ۽ زيادتي خلاف آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن نه ته مخالف ڌر جا ميمبر ۽ شهري ته احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيا پر حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جونءَ ئي نه ٿي سري.
اسان سمجهون ٿا ته بجلي انساني ضروت جي بنيادي ضرورتن مان هڪ ضرورت آهي جنهن جي نه هجڻ سان ڪاروبار کان وٺي زندگي جو هر شعبو متاثر ٿئي ٿو تنهن ڪري حڪومت انهن بجلي ڪمپنين جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکڻ لاءِ ڪا بهتر حڪمت عملي جوڙي ايئن نه ٿئي اڄ جيڪو عوام رڳو گاريون ڏئي رهيو آهي اهو سڀاڻي حڪمرانن جا رستا روڪڻ تي لهي اچي .