لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت طرفان بجلي  بچايو مهم تحت ڪالهه سڄي صوبي ۾ بازارون بند رهنديون. ملتان جي ضلعي انتظاميا مسلسل ٻئي ڏينهن بازارن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو، جنهن دوران ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 30 دڪان ۽ 10 هوٽلن کي سيل ڪيو ويو ۽ دڪاندارن تي ڏنڊ پڻ هنيو ويو. هوڏانهن بجلي بچايو مهم تحت سڄي صوبي ۾ ڪالهه بازارون بند ٿيڻ سبب واپاري پريشان آهن. واپارين جو چوڻ آهي ته عيد ويجهو اچڻ باوجود مارڪيٽون بند ڪيون پيون وڃن جنهن ڪري ڪاروبار ۾ نقصان ٿي رهيو آهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ توانائي بحران سبب مارڪيٽون رات نائين وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريسٽورنٽس ۽ شادي هالن جا وقت پڻ محدود ڪيا ويا آهن.