اسلام آباد (م ڊ) بجلي جي بچت لاءِ پاور ڊويزن وزارت وڏن قدمن جو فيصلو ڪندي سمري تيار ڪري ورتي  آهي. پاور ڊويزن ذريعن موجب سمري جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي، سمري موجب سڄي ملڪ جي ڪمرشل  فيڊرز کي شام 7 کان رات 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪمرشل فيڊرز تي ڏينهن جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. پاور ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪمرشل فيڊرز جي بندش سان 5 هزار ميگا واٽ بجلي جي بچت ٿيندي، شام 7 کان رات 11 وڳي تائين ٽيوب ويل جي فيڊرز جي بجيل به بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽيوب ويل وارا فيڊرز بند  ٿيڻ سان 3 هزار ميگا واٽ بجلي جي بچت ٿيندي. ذريعن موجب انهن تجويزن جي هن هفتي ئي وزيراعظم ۽ ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. پاور ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته واپارين طرفان دڪان جلد بند ڪرڻ کان انڪار تي متبادل تجويزون تيار ڪيون ويون آهن.