بجلي بند ٿيڻ جو نتيجو: شادي تقريب ۾ ڪنوارون تبديل: گهوٽ ۽ ڄاڃي پريشان ٿي ويا

0
443

ڀارت ۾ شادين ۾ غير معمولي واقعا پيش اچڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر تازي واقعي ته گهوٽ ڪنوارن سميت ڄاڃين کي به پريشان ڪري ڇڏيو

ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي هڪ ڳوٺ ۾ شادي تقريب جاري هئي ته اوچتو بجلي هلي وئي، جنهن سبب ڪنوارون مٽجي ويون، ٻن ڀينرن جي شادي هڪٻئي جي گهوٽن سان ٿي وئي

شادي تقريب دوران ڪنوارن جا منهن ڍڪيل هئا، ان ڪري ڪنهن کي احساس ئي نه ٿيو ته سالو ۽ سالي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي رهيا آهن، پتو تڏهن پيو جڏهن بجلي آئي، پوءِ ته سڀ دنگ رهجي ويا