ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واپارين کان ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي بلن ذريعي سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف جماعت اسلامي پاران اڄ ايم اي جناح روڊ تي واپاري ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو  ته حڪومت واپارين کان بجلي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي جو فيصلو ڪري زيادتي ڪئي آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ نئين آدمشماري شفاف  ٿيڻ گهرجي، هن مطالبو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائي، سندس لائسنس رد ڪري قومي تحويل ۾ ورتو وڃي، ٻئي طرف  جماعت اسلامي سنڌ جي نئين مجلس شوريٰ ٻن سالن لاءِ چونڊي وئي،  . صوبائي اڳواڻ ناظم انتخابات محمد مُسلم موجب ڪراچي سينٽرل مان حافظ نعيم الرحمان، وجيه الحسن، اويس ياسين، اوڀر مان سيد شاهد هاشمي، ڊاڪٽر فواد احمد، ڊاڪٽر اُسامه رضي. اولهه مان مدثر انصاري، ڏکڻ مان سيد عبدالرشيد، ڪورنگي مرزا فرحان بيگ، ملير مان محمد اسلام، ڪياماڙي مان مولانا فضل احد ۽ حميد الله خان،  حيدرآباد مان عبدالوحيد قريشي ۽ عقيل احمد خان، دادو ۽ ڄامشوري مان مولانا عبدالواحد ٻٻر، لاڙڪاڻي ۽ قمبر مان قاري ابو زبير جکرو، مٽياري، ٽنڊومحمد خان ۽ ٽنڊي الهيار مان فقير محمد لاکو ۽ ديدار بهراڻي، جيڪب آباد مان حاجي ديدار لاشاري، ڪشمور مان مولانا سليم الله خلجي ۽  حاجي بُليدي، شڪارپور مان عبدالرحمان مڱريو، بدين ۽ ٺٽي مان سيد دائود شاهه، نواب شاهه ۽ سانگهڙ مان سُرور قريشي، نوشهري فيروز ۽ خيرپور مان محمد شبير خانزادو، سکر ۽ گهوٽڪي مان مولانا حزب الله جکرو ۽ تشڪيل صديقي کي چونڊيو ويو