بجرنگي جي مُني پنهنجو ايوارڊ سلمان نالي ڪري ڇڏيو

0
318

بجرنگي جي مُني

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ ۾ مني جو ڪردار نڀائيندڙ هرشالي ملهوترا کي نيشنل ايوارڊ ”ڀارت رتن ڊاڪٽر امبيڊڪر“ سان نوازيو ويو

ڀارتي ميڊيا موجب 9 جنوري 2022 تي هرشالي کي فلم بجرنگي ڀائي جان ۾ شاندار اداڪاري تي ڀارت رتن ڊاڪٽر امبيڊڪر ايوارڊ مهاراشٽرا رياست جي گورنر ڏنو.هرشالي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي سلمان خان ۽ فلم جي ڊائريڪٽر ڪبير خان جا  ٿورا مڃيا ۽ اهو ايوارڊ ٻنهي جي نالي ڪيو.واضح رهي ته هرشالي ملهوترا فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ ۾ مني جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ پنهنجي بهترين اداڪاريءَ سان سڀني جون دليون کٽيون هيون.ان فلم ۾ ڪترينا ڪپور ۽ نواز الدين صديقي به اهم ڪردار نڀايو هو.