سکر (بيورو رپورٽ) باگڙجيءَ ۾ ھٿياربندن ھٿان چئن ڄڻن جي قتل وارو معاملو، باگڙجي ٿاڻي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت 14 ڄاتل ۽ ٽن اڻ ڄاتل جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار.  باگڙجيءَ ۾ مھر ۽ گھمرا ڌرين وچ ۾ پراڻي خوني تڪرار تان ڇنڇر ڏينهن گهمرا ڌر جي ٽن ڌنارن سميت چئن ڄڻن جي قتل واري معاملي جو ڪيس دھشتگردي ايڪٽ تحت باگڙجي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي. ڳوٺ گھمرا جو رھواسي تصور حسين پٽ دليل گھمرو باگڙجي ٿاڻي تي گناھ نمبر 2023/02، قلم 302.114.206/2.148.149. PPC 6/7ATA  تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته  پنجل مھر وارن سان خوني تڪرار ھلندڙ آھي. پنجل مھر چوندو ھو ته اسان سرعام توھان جا ماڻھو مارينداسين. 25 فيبروريءَ 15 کان 20 ھٿياربندن پنجل، شھزادو، اجمل، جميل، امجد، ماجد عرف عبدالرحمان مھر، عقيل عرف رحيم بخش، عبدالرئوف، عبدالجبار، ارشد مھر، راشد، شاھد ، اظھر مھر، الھرکيو ۽ ٽن اڻ سڃاتل جوابدارن اسان مٿان حملو ڪري محمد عرس عرف ببلو ناصر حسين عرف ڪامران، حاجي رمضان ۽ ھڪ نامعلوم واٽھڙو نوجوان کي قتل ڪيو. جوابدارن مک باگڙجي چوڪ تي به سرعام فائرنگ ڪئي، جنھن سبب خوف ۾ ڪاروباري مرڪز ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ ٻارڙن ۽ استادن ۾ خوف ڦھلجي ويو. باگڙجي ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ مارجي ويل واٽھڙو کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آھي. جڏھن ته مقامي ماڻھن سندس سڃاڻپ ڪوئيٽا واسي خليل احمد پٽ محمد عثمان شيخ طور ڪئي ھئي. هوڏانهن سکر پوليس موجب ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن وارو سلسلو جاري آھي. ٻئي پاسي چئن ڄڻن جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇتڪاڻ ۽ علائقي ۾ خوف هراس وارو ماحول ڪالهه پڻ برقرار رهيو.