باڊھ ۾ ارسا پاران سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ خلاف ريلي

0
383
پنجاب کان سنڌ ڏانهن

باڊھ (ن پ ا) ارسا پاران سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ خلاف پ پ جي سڏ تي آبادگارن ۽ پ پ ڪارڪنن پاران زرعي پاڻي کوٽ خلاف اعجاز لغاري، ڊاڪٽر منير شيخ، قاضي جميل، محمد علي ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون حال کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته ارسا چيئرمين هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏئي سرسبز سنڌ کي بنجر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته ارسا جي ٽن ميمبرن جي مخالفت باوجود به ارسا چيئرمين تونسا پنجند ڪئنال کولي اهو ثابت ڪيو ته هو غير جانبدار چيئر مين ناهي، هنن گهر ڪئي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پور پاڻي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.