باڊھه سپر ڪپ: ديشي اليون فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
142

باڊھه( ن پ ا) باڊھه ۾  سپر ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ديشي اليون اجمل اليون کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ديشي اليون پهريان کيڏندي 8 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنز ٺاهيون. جواب ۾ اجمل اليون 136 رنز ٺاهي سگهي. جڏهن ته ديشي اليون 9 رنز تان سوڀ ماڻي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. اجمل اليون طرفان سراج نوناري 87 ۽ ديشي اليون جي نوروزخان بلوچ 78 رنز جي اننگز کيڏي نمايان رهيا.