باڊھه (ن پ ا) باڊھه ٿاڻي جي حد ڳوٺ انبپور مان 6 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان مبينا اغوا ٿيل 19سالا شادي شده ناري سائره جهتيال ۽ سندس ٻن ورهين جي نياڻي سميا کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هوڏانهن ناري جي والد گل محمد جهتيال جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محرابپور واسي 3 جوابدارن عيدن عرف عيدو جتوئي، نديم جتوئي ۽ گل شير جتوئي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄانايو آهي ته جوابدارن هٿيارن جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو گهر ۾ داخل ٿي سائره ۽ سندس معصوم ڌيءَ کي اغوا ڪيو