باڊهه ۾ گودام تي ڇاپو، متاثرن جو سامان لڪائڻ تي پ پ اڳواڻ ۽ مل مالڪ گرفتار

0
480
باڊهه ۾ گودام تي ڇاپو،

باڊھ: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قمبر شهداد ڪوٽ زاهد حسين ميتلو نصيرآباد ۾ رائيس مل جي گدام تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران وڏي مقدار ۾ ٻوڏ متاثرن جي خيمن سميت امدادي سامان هٿ ڪيو ويو

لڪايل امدادي سامان هٿ ڪري پ پ ڪائونسلر وزير ڦلپوٽو ۽ رائيس مل جي گودام مالڪ سدام چند کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو آھي

سيشن جج پنهنجي نگراني ۾ امدادي سامان ۽ خيمن جي ڳڻپ ڪري گدام سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جج زاهد ميتلو گرفتار ٿيل ٻن ڄڻن کي نصيرآباد ٿاڻي تي منتقل ڪندي مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب تباهي جا انگ اکر جاري

ميهڙ ۾ ٻوڏ متاثر ٻن عورتن پاران مدد نه ٿيڻ تي پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش