باڊھه (ن پ ا)  ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ جي مرڪزي سڏ تي ساس باڊھه پاران سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري  وفا صالح راڄپر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊھه جي سيڪريٽري غلام محمد ڀٽي ۽ ڪائونسلر پرويز سولنگي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ دشمن سازش سمجهون ٿا، ڊجيٽل آدمشماري ۾ شناختي ڪارڊ جو آپشن ڪٽيو ويو آهي جنهن ۾ غير ٻولي واري ڌاري آبادڪاري به شامل ڪئي ويندي ۽ اهو عمل سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ گهري سازش آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي،