باڊھه (ن پ ا) باڊھه جي ڦلپوٽا پاڙي ۾ واپاري علي مراد ڪلھوڙو جي اوطاق جا چور تالا ٽوڙي ٻه موٽر سائيڪلون ڪاهي ويا، واقعي جي نامعلوم جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي،  جڏھن ته ٻي واردات ۾ حيدر چوڪ تي اناج جي واپاري لياقت علي بروھي جي دڪان جي چورن ڇت پٽي سولر پليٽ ۽ بيٽري کڻي ويا. ڪتن جي مدد سان پيرا کنيا ويا، جيڪي درگاھ  جي رهواسي راحب ميراڻي جي گهر لڳا،ٻئي طرف چوريون وڌڻ تي شھري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.