باڊھه ( ن پ ا )  ڳوٺ گُند مان 15 ڏينهن  اڳ پوليس اهلڪار ممتاز سولنگي جي گهر مان چوري ٿيل سرڪاري جي ٿري، ميگزين ۽ گوليون پوليس واپس نه ڪرائي سگهي. اهلڪار ممتاز سولنگي باڊھه پوليس مان نااميد ٿي پاڪ ڪتاب گهمايو،هن  باڊھه ۽ ڀرپاسي جي بااثرن کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي اپيل ڪئي آھي ته هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري کيس چوري ٿيل سرڪاري رائيفل واپس ڪرائي ڏين. شڪارپور ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي مقرر هو. سرڪاري رائيفل چوري ٿيڻ تي معطل آھي.