باڊھه (ن پ ا ) باڊهه پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل عارف ولد يوسف کهاوڙ جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ڀيڻ شاهده کهاوڙ حوالي ڪيو ويو. سرڪار جي فرياد تي مقتول عارف کهاوڙ ۽ سندس ٻن نامعلوم ساٿين تي ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. شاهده کهاوڙ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڀاءَ 10 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ويو جتان گم ٿي ويو هو، ميڊيا ذريعي خبر پئي ته کيس باڊھه پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيو آھي. هن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.  هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو عارف تي ڪيس داخل هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ڏوهي رڪارڊ سامهون ناهي آندو ويو. هوڏانهن قمبر ڀرسان ڳوٺ سارنگ کهاوڙ لاش پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.