باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه واسي نادرا آفيسر عبدالوحيد ڀٽي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، باڊھه واسي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نادرا 35 ورھين جو عبدالوحيد ڀٽي خير پور ناٿن شاھه آفيس لاءِ پنھنجي موٽر سائيڪل تي وڃي رھيو ھو ته باڊھه-نصيرآباد روڊ تي مسافر پير وٽ چنگچي رڪشا سان ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. جنھن کي پوليس باڊھه رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي آئي جتي طبي امداد ملڻ کان اڳ ئي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.چنگچي رڪشا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، عبدالوحيد ڀٽي کي ٽن معصوم ٻارڙن 6 سالجو پٽ محمد سلمان، 4 سال جي نياڻي دانيه ۽ ٻه سال جو پٽ رحمان علي جو اولاد آھي.  ياد رھي ته مرحوم سنڌ جي ناليواري راڳي عبدالخالق ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ ۽ ايگريڪلچر کاتي جي اڳوڻي رٽائرڊ آفيسر مرحوم عبدالرحمان ڀٽي جو پٽ آھي.  مرحوم جو تڏو باڊھه جي ڏيرا محلي ۾ وڇايو ويو آھي، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام پئجي ويو، جڏھن ته شھر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.