باھو کوسو (ن پ ا) جيڪب آباد ۾ 9 سال اڳ قتل ٿي ويل پورھيت نويد نوناري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي وارثن امڙ شھزادي خاتون، پيءُ عبدالوحيد احتجاج ڪندي چيو ته بيبرڪ  بگٽي، پير جان بگٽي جيڪب آباد ۾ ڏينھن ڏٺي پٽ نويد نوناري کي قتل ڪيو، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لکين رپيا رشوت گھري رھي آھي، نوٽيس وٺي نويد نوناري جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ پاڻ کي پريس ڪلب اڳيان باھ ڏئي ساڙي ڇڏينداسون.