باھو کوسو (ن پ ا) باھو کوسو جي مختلف شاخن حيرو شاخ، نيو مانجھي شاخ، انڙ شاخ، ٺارو شاخ ۽ ٻين شاخن ۾ ساريالي فصل جي پوکائي لاءِ پاڻي ناھي اچي سگھيو.آبادگار سليم کوسو، احمد کوسو، راجا جکراڻي، نيڪ محمد نندواڻي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ساريالي فصل لاءِ  ھن وقت تائين پاڻي ناھي پھتو.ساريالي فصل جو ورتل ھاءِ برڊ ٻج جي پوکائي وقت سر نه ٿيڻ ڪري پيداوار گھٽ لھندي لکن جو نقصان ٿيندو. ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ساريالي فصل لاءِ وقت سر پاڻي ڏئي نقصان کان بچايو وڃي.