باھو کوسو(ن پ آ) باھو کوسو ۾ مرحوم صحافي اياز احمد لاشاري جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ باھو کوسو اليون کٽي ورتو. باھو کوسو ۾ مرحوم اياز احمد لاشاري جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ٿي. باھو کوسو اليون ۽ معشوق اليون وچ ۾ فائينل مقابلو ٿيو. معشوق اليون ٽاس هارائي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 70 رنز ٺاهيون. باھو کوسو اليون 5 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ظھور احمد لاشاري کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. فائينل کٽيندڙ ٽيم کي مين آف دي سيريز ۽ 10 هزار رپيا روڪ رقم ڏني وئي، ھارايل ٽيم کي گلن جا ھار پارايا ويا ۽ 2 ھزار رپيا روڪ رقم ڏني وئي.