باھو کوسو (ن پ ا) باھو کوسو لڳ ڳوٺ عبدالطيف جروار ۽ ڳوٺ محمد علي کوسو وٽان ھڪ مھينو اڳ ڪشمور ضلعي کان ايندڙ  برساتي ٻوڏ جي پاڻي سبب سو فٽن جا لڳل ٻه ڪٽ ضلعي انتظاميا ڪرين مشين ۽ ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي پٿر ۽ مٽي وجھرائي بند ڪرائي ڇڏيا آھن. جنھن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جي شھرن پنھور سنھڙي، مانجھي پور، ڪنڌڪوٽ، سکر، ٺل سميت مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ڏانھن رستا بحال ٿي ويا آھن ۽ سوين ڳوٺن مان اڃان تائين برساتي پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو ھن وقت تائين ڳوٺن ۾ 3 کان 4 فٽ پاڻي بيٺل آھي.باھو کوسو جي سرفراز لاڙي ۽ ڳوٺ دائم مرھيٽو وٽان لڳل 70 فٽ ۽ 50 فوٽ جا ٻه ڪٽ بند نه ٿي سگھيا آھن، جنھن ڪري باھو کوسو شھر جو جيڪب آباد، ٺل، سکر سميت ٻين شھرن ۽ ڳوٺن جو رابطو بحال نه ٿي سگھيو آھي.