باھو کوسو (ن پ ا) باھو کوسو لڳ ڳوٺ عبدالرحيم کوسو ۾ ڪارنهن مامري جو جرڳو طيب کوسو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ رياض احمد کوسو مشير طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪارنھن الزام ھيٺ آيل وڏيري جي ڀاءُ نثار احمد کوسو ۽ ھاري ذوالفقار علي کوسو جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد ڪارنھن الزام ھيٺ آيل وڏيري شاھنواز کوسي تي ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد کيس  ڪارو قرار ڏيندي مٿس 4 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، جن مان 50 ھزار معاف ڪيا ويا، ھڪ لک رپيا روڪ موقعي تي ادا ڪيا ويا، بقايه رقم ڏوھي ڌر ھاري ذوالفقار علي کوسو جي ڌر کي ٻن مھينن اندر ادا ڪندي، جڏهن ته فتويٰ جاري ڪئي وئي ته ھاري ذوالفقار علي کوسو 2 ڏينھن ۾ ڳوٺ مان لڏي ويندو ۽ ھاري ذوالفقار علي کوسي جو 15 جريبن جو ساريالو فصل وڏيرو شاھنواز کوسو کڻندو، جنھن بعد ڌرين فيصلو قبول ڪندي کير کنڊ ٿي ويون، ياد رھي ته 15 ڏينھن اڳ وڏيري شاھنواز کوسي کي ھاري ذوالفقار علي کوسو پنھنجي زال  سان ڪارنھن الزام مڙھيو هو.