باهوکوسو/ميرو خان (نمائندن وٽان) باهو کوسو ويجهو ڳوٺ جان محمد ڪنراڻي ۾ نينگري رفيلا ڌيءُ محمد صادق ڪنراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جڏھن ته آصفه، عثمان، راشده، شاهزيب، شاهزين، منظورحسين، وقاص ۽ اياز احمد ارڙي ۾ بتلا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ميروخان ڀرسان هڪ ئي ڳوٺ جا 30 کان وڌيڪ ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ ٽائيم نيوز تي خبر هلڻ بعد تڪ جي ايم پي اي گهنور اسراڻ نوٽيس وٺندي ڊي ايچ او قمبر شهدادڪوٽ کي فوري طور متاثرن ڳوٺ ۾ وڃي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،