ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ باهه جَي واقعن ۾ ٻيهر واڌ، هڪ ڏينهن اندر 35 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا، فائر برگيڊ جون گاڏيون ڌڪي اسٽارٽ ٿي ويون، ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڳوٺ ڪامريڊ مانو ڪولهي ۾ چلهه مان چڻنگ اُٿڻ سبب ڀيل ۽ ڪولهي برادريءَ جا 25 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا، گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ مڱيو مسڻ ۾ باهه لڳڻ سبب لاڏائو قبيلي جون 10 جهوپڙيون سڙي ويون، صدمي ۾ 2 عورتون بيهوش ٿي ويون، ٺري ميرواھ جي ڳوٺ ڏاتو دستي ۾ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، باهه وسائڻ لاءِ موڪليل ٺري مير واهه ٽائون جي فائربرگيڊ گاڏي جو اڌ ۾ تيل ختم ٿي ويو، متاثرن پاران احتجاج ڪيوويو.