ممبئي(شوبز نيوز) پرينيتي چوپڙا کي عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ راگهو چڍا سان گڏ ڏٺو ويو آهي، بالي ووڊ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي جلد مڱڻي ڪرڻ وارا آهن. بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا اڄ ڪلهه خبرن ۾ آهي، ان جو سبب اهو آهي ته بالي ووڊ اداڪارا کي ڀارت جي سياسي جماعت عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ راگهو چڍا سان گڏ ڏٺو ويو. بالي ووڊ رپورٽن موجب ٻئي ڪافي عرصي کان دوست آهن ۽ هنن جا خاندان به ان رشتي لاءِ گهڻا خوش آهن. ٻنهي کي منيش ملهوترا جي گهر تي ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ به گڏ ڏٺو ويو. پرينيتي چوپڙا ۽ راگهو چڍا لنڊن ۾ پڙهائي دوران هڪ ٻئي کي سڃاڻيندا آهن. پرينيتي لنڊن ۾ مانچسٽر بزنس اسڪول مان پنهنجي تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته راگهو لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس مان پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪئي. انهن ٻنهي لنڊن ۾ ڀارت جي يو ڪي جي پهرين آئوٽ اسٽينڊنگ اچيورز ايوارڊ جي تقريب ۾ هلندڙ سال جنوري ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻنهي ايوارڊ حاصل ڪيو.