بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي جو مڙس فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار

0
421
فحش فلمن وارو ڪيس

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا کي فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ممبئي پوليس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اداڪاره جي مڙس 45 ورهين جي راج ڪندرا سوڌو 11 ماڻهن کي فحش فلمون ٺاهڻ ۽ موبائل ايپس تي ڦهلائڻ جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب راج ڪندرا جي خلاف هلندڙ سال فيبروري ۾ ممبئي ڪرائم برانچ جي طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن تحت سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ بعد راج ڪندرا کي هن ڪيس ۾ بطور مک جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته هن کان اڳ اداڪاره ۽ ماڊل پونم پانڊي ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ راج ڪندرا سميت ان جي ساٿي جي خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هڪ معاهدو ختم ٿيڻ جي ڪري هن جي وڊيوز کي غير قانوني طريقي سان استعمال ڪيو ويو، ڀارتي ميڊيا موجب راج ڪندا جي گرفتار بعد سماجي ويب سائيٽس ٽوئٽر تي ٽآپ ٽريند بڻجي ويو آهي، ٽوئٽر تي راج ڪندرا جي 9 سال پراڻي ٽوئٽس کي وڏي پيماني تي شيئر ڪيو پيو وڃي جن ۾ هن جسم فروشي ۽ فحاشي بابت هيون، 29 مارچ 2012 تي راجد ڪندرا هڪ ٽوئٽ ڪيو ته فحاشي مقابلو جسم فروشي، ڪنهن کي ڪيمري تي جنسي لاڳاپن جي ادائيگي ڪرڻ قانوني ڇو آهي، هي هڪ ٻئي سان ڪيئن مختلف آهن، راج ڪندرا جي ٻيو ٽوئٽ مئي 2012 ۾ هن لکيو ته اداڪار ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن، ڪرڪيٽرز سياست ڪري رهيا آهن، سياستدان فحاشي ڏسي رهيا آهن ۽ فحش اسٽار اداڪار بڻجي رهيا آهن.