ممبئي (شوبز نيوز): بالي ووڊ جي ناليوارين شخصيتن عيدالفطر جي موقعي تي مداحن کي واڌايون ڏنيون آهن. پاڪستان سميت ڀارت ۾ به عيدالفطر ملهائي وئي، بالي ووڊ ستارن به عيد ملهائي ۽ پنهنجي مداحن کي پيغامن ذريعي عيد جي مبارڪ ڏني. سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪندي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون، بالي ووڊ سپر اسٽار اميتاڀ بچن ٽوئيٽر تي عيد مبارڪ لکيو ۽ هڪ تصوير شيئر ڪئي. دبنگ اسٽارل سلمان خان وڊيو پيغام جاري ڪندي مداحن کي عيد جون واڌايون ڏنيون، جڏهن ته اڪشي ڪمار، ريٿڪ روشن، سنجي دت، سني ديول ۽ ٻين پڻ عيدالفطر جي موقعي تي پيغام جاري ڪيا.