باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي ۾ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم محمد علي سومرو، اڪبر بروهي، احسان عباسي جي اڳواڻي ۾ غير معياري ڪولڊ ڊرنڪ ۽ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ڪرڻ وارين شڪايتن تي هوٽلن، کير جي دڪانن ۽ بوتلن جي دڪانن تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران هوٽل وارن ۽ دڪاندارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ٽيم چيو ته صحت لاءِ هاڃيڪار غير معياري ۽ مدي خارج شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ۽ هوٽل مالڪن مٿان ڏنڊ وڌو آهي، جڏهن ته کين سختي سان هدايتون جاري ڪيون آهن ته غير معياري، مدي خارج بوتلون ۽ کير ۾ ڪيڪمل استعمال نه ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.