لاڙڪاڻو/باقراڻي ( رپورٽ: نادر ابڙو/ احمد نواز بلوچ ) باقراڻي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جنهن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته اونداهي جو فائدو وٺندي مارجي ويل ڏوهاري جا 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻڌايو ته مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ خادم عرف حسين بخش کوکر طور ٿي آهي، مارجي ويل ڏوهاري خادم عرف حسين بخش کوکر ڪيترن ئي سالن کان سرگرم ڏوهاري گروهه جو اڳواڻ، لاڙڪاڻي رينج، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيترن ئي سنگين جي ڏوهن ۾ ملوث هو، خاص طور ڪجهه مهينن دوران لاڙڪاڻي شهر ۾ روڪ رقم جي ڌاڙن وارن ڪيترن ئي وارداتن ۽ 2 مهينا اڳ سول لائين ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران قتل ٿيل حاجن جوڻيجو قتل ۾ به ملوث هو. جوابدار وٽان پسٽل، گوليون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهاري مٿان سچل، قمبر سٽي، ڪراچي جي ايس آءِ يو، ڊفينس ڪراچي، شهر جي سول لائين، الھ آباد، رحمت پور ۽ باقراڻي ٿاڻن تي 12 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، مارجي ويل ڏوهاري جي فرار ٿيل ساٿين جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي تمام جلد کين گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن مارجي ويل ڏوهاري جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.