باقراڻي (ن پ ا) گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول باقراڻي ون ۾ مقرر استاد گوسڙو هجڻ سبب ٻارڙن جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي، اسڪول ۾ پٽهندڙ معصوم ٻارڙن ۽ والدين اسڪول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين ڳوٺ خميسو خان خاراني جي ڳوٺاڻن اقبال خاراني ۽ ٻين چيو ته اسڪول کليل آهي پر ماستر نه هئڻ ڪري ٻارڙا بنا تعليم پرائڻ جي واپس وڃن ٿا، هنن چيو ته اسڪول ۾ مقرر ماستر گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هنن چيو ته اسڪول ۾ 7 استاد مقرر ٿيل آهن پر انهن مان هڪ به اسڪول ۾ ڊيوٽي تي نٿو اچي، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ مقرر استادن کي ڊيوٽي جو پابند ڪيو وڃي.