ڏوڪري/باقراڻي (نمائندن وٽان) باقراڻي لڳ 2 مهينا اڳ شادي ڪرايل نوجوان ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن ساهرن تي قتل جو الزام. خبر موجب ڳوٺ سيد بچل شاهه ۾ 19 ورھين جي ناري نندرت زال وحيد علي جيسر مبينا گھرو اڻبڻت تان ڦاھو کائي خود ڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي حد جي پوليس پھچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ڏوڪري منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ناري پکي ۾ ڦاھو کاھي آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ته ناري جي وارثن ساهرن تي قتل جو شڪ ظاھر ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ آپگهات ڪندڙ ناري جي ڀاءُ توصيف جو چوڻ هو ته ڀيڻ کي صبح جو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته اسان کي منجھند جو 2 بجي اطلاع ڏنو ويو، هن چيو ته اسان کي پوسٽ مارٽم لاءِ ڀيڻ جي ساهرن لاش کڻڻ نه ڏنو، جنهن تي حد جي پوليس گهرائي لاش ڏوڪري اسپتال آندو، هن ٻڌايو ته ڀيڻ تي ٻانهن ۽ ڪنڌ تي تشدد جا نشان هئا، ڀيڻ خودڪشي ناھي ڪئي، کيس ساهرن قتل ڪيو آهي. هن چيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.