باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خميسو خاراني واسي نوجوان دلدار بروهي باقراڻي کان ڪراچي وڃڻ لاءِ نڪتو ته باقراڻي مان چنگچي تي لاڙڪاڻي ويندي شاھينگ کيس نشو ڏئي نيم بيھوشي واري حالت ۾ ڪراچي جي ڪوچ ۾ ويھاري سندس کيسي مان 18 ھزار ۽ موبائل ڪڍي ويا، نوجوان ڪراچي پھچڻ بعد ھوش اچڻ تي وارثن کي فون ڪري اطلاع ڪيو،حاجي علي شير بروهي صحافين کي ٻڌايو ته پٽ دلدار باقراڻي کان ڪراچي وڃڻ لاءِ چنگچي رڪشا تي سوار ٿي لاڙڪاڻي وڃي رھيو ھو ته کيس چنگچي رڪشا ۾ جوابدار کيس نشو ڏئي ڪراچي جي گاڏي ۾ ويھاري سندس کيسي مان 18 ھزار ۽ موبائل ڪڍي ويا، پٽ ڪراچي پھچڻ بعد ھوش ۾اچڻ تي اسان کي اطلاع ڪيو، ھن چيو ته ڪالهه شام کان سندس موبائل بند ھو،باقراڻي پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو.