نيويارڪ (شوبز نيوز) بافٽا ايوارڊز ۾ فلم ماريني ۽ بليڪ بوٽم 2-2 اعزاز کٽي ورتا. تفصيل موجب هالي ووڊ فلم انڊسٽري جي اهم ايوارڊزجي تقريب آن لائن ٿي جنهن ۾ فلم ماريني ۽ بليڪ بوٽم کي 2-2 اعزازن سان نوازيو ويو جڏهن ته وڏي ڪيٽيگريز جو اعلان اڄ ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلم هالي ووڊ دي فادر، دي ٽرائل آف شڪاگو7 ۽ نومبالينڊ بهترين فلمن واري ڊوڙ ۾ شامل آهن جن بابت فيصلو اڄ ٿيندو جڏهن ته پاڪستاني نسل وارو برطانوي اداڪار رض احمد به نامزد ٿيل آهي.