حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ڪاليجز گيمز جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي ڪاليجن ۾ راندين جون سرگرميون جاري آهن. ان سلسلي ۾ گورنمينٽ شاهه ڊگري ڪاليج لطيف آباد نمبر 8 جي شاگردياڻين باسڪيٽ بال ۽ ٽيبل ٽينس جي مقابلن ۾ حصو ورتو. باسڪيٽ بال جي مقابلن ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج لطيف آباد 8 نمبر جي شاگردياڻين ٻئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. جڏهن ته ساڳئي ڪاليج جي شاگردياڻين ٽيبل ٽينس جي مقابلن ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. مقابلا کٽيندڙ شاگردياڻين ۾ انعام جي تقسيم لاءِ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج لطيف آباد نمبر 8 ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر شوڪت بلوچ خاص مهمان طور شرڪت ڪري شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا. تقريب ۾ ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر نائلا جروار ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.