رائونتي: رائونتي جي ڪچي ۾ آپريشن دواران بازياب ڪرايل ماڻهن ميڊيا آڏو دانهيندي دردن جا داستان کولي ڇڏيا. هڪ مغوي رائونتي ٿاڻي ۾ جسم تي تشدد جا نشان ڏيکاريندي شديد ڪمزوري سبب پَٽ تي ڪِري پيو. باندي بڻايلن ٻڌايو ته ماني به وقت تي تي ڪونه ڏني ويندي هئي. ڌاڙيل رات ڏينهن پنڌ ڪرائيندا ۽ جسم تان ڪپڙا لاهي تشدد جو نشانو بڻائيندا رهندا هئا. ايتري قدر جو نماز پڙهڻ به نه ڏني ويندي هئي.