ڳڙهي خيرو: ڪٽوھر برادري جي ماڻھن واقعي جو ذميوار پوليس کي قرار ڏيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان ڏس ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ جڏھن واقعي جي 12 ڪلاڪن بعد متاثرن وٽ ڳوٺ ڪالو خان ڪٽوھر پھتو ته پوليس جي غفلت خلاف ڪٽوھر برادري جي ماڻھن احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پنھنجو سمورو خاندان وڃائيندڙ اسلم ڪٽوھر ايس ايس پي جيڪب آباد آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو پوليس جي نااھلي سبب پيش آيو آھي، منھنجا ٻه معصوم ڀائيٽا راجا ۽ عبدالجبار ڪٽوھر چئن ڪلاڪن تائين گھر ۾ زخمي حالت ۾ تڙپندا رھيا پر پوليس کي بار بار فون ڪيو پر نه پهتي، جنهن ڪري معصوم ٻارڙا تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. هن چيو ته ڳوٺ کان ڪجھه مفاصلي تي پنھون ڀٽي ٿاڻو ھجڻ باوجود پوليس 4 ڪلاڪ دير سان پھتي،