ڪوئيٽا (م ڊ) بارکان واقعي  ڊرامائي رُخ اختيار ڪري ورتو، قتل ڄاڻايل گران ناز ڌي ۽ پٽن سوڌو ڪوهلي مان بازياب ٿي ويا، کوهه مان مليل ڇوڪري جو لاش ڪنهن جو آهي؟ معاملو ڳجهارت بڻجي ويو. پوليس ۽ ليويز مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري خان محمد مري جي گهرواري گران ناز کي ڌي ۽ پٽن سوڌو بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ذريعن موجب مغوين کي ڪوهلو مان بازياب ڪرايو ويو، جن کي ڪمشنر زوب ڊويزن حوالي ڪيو ويو آهي، دکي، ڪوهلو، بارکان ۾ پوليس پاران ڪارروايون ڪيون ويون، بازياب ٿيلن کي ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڪابه مزاحمت نه ڪئي، جنهن ڪري حراست ۾ نه اچي ويا، بازياب ٿيل سمورا 6 ئي ڀاتي پوليس جي حفاظتي تحويل ۾ آهن. ان کان اڳ پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق کوهه مان مليل لاش 17 ورهين جي ڇوڪري جو آهي، جنهن کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو، ٻئي طرف ٽن ڄڻن جي قتل الزام هيٺ گرفتار بلوچستان جي وزير عبدالرحمان کيتران کي پوليس بنا هٿڪڙيون هڻڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، صوبائي وزير پيشي دوران وڪٽري جو نشان ڏيکاريندو رهيو، عدالت عبدالرحمان کيتران کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي خلاف ڪوئيٽا ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به ڌرڻو هنيو ويو.