ڪوئيٽا(م ڊ) آءِ جي بلوچستان وقتي ايس پي بارکان نور محمد کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، هٿ آيل عورت جي مڙس سان ملاقات ڪرائي وئي، معاملي تي احتجاج ڪندڙ مري برادري جا ماڻهو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا هڪ ڌڙي احتجاج ختم ڪري ڇڏيو ٻين جو احتجاج جاري آهي. مليل اطلاعن موجب بارکان ۾ اڳوڻي وزير عبدالرحمان کيتران جي مبينا نجي جيل ۾ قتل ڪيل عورت ۽ ٻارن جي ڪيس بعد آءِ جي بلوچستان عبدالخالق شيخ بارکان واقعي تي وقتي ايس پي نور محمد کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، جڏهن ته ان حوالي سان باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ايس پي نور محمد کي سينٽرل پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سندس جاءِ تي نجيب الله پندراڻي کي ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف بارکان مان بازياب ڪرايل خان محمد مري جي خاندان جي ساڻس ملاقات ڪرائي وئي. پوليس موجب ڪوئيٽا پهچڻ تي خان محمد مري جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪرائي وئي ۽ سندس گهرڀاتين پوليس جي تحويل ۾ آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب عورت ۽ ٻارن جا جڊيشل مئجسٽريٽ جي روبرو بيان قلمبند ڪيا ويندا. پوليس موجب بازياب ٿيندڙن جا ڊي اين اي ۽ جنسي زيادتي جي حوالي سان نمونا ورتا ويندا، قانوني گهرجن کانپوءِ بازياب ماڻهن کي خان محمد مري جي حوالي ڪيو ويندو. هوڏانهن واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ مري برادري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. آل پاڪستان مري اتحاد بارکان واقعي خلاف ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بارکان  ۾ پيش آيل واقعي خلاف مري اتحاد پاران ريڊ زون ۾ ٽن لاشن سميت لڳل ڌرڻو خان آف قلات جي ڀاءُ سينيٽر آغا عمر احمدزئي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. قبائلي جرڳي جا نمائندا خان آف قلات جي ڀاءُ پرنس عمر احمد زئي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي واري هنڌ پهتا، سردار سخي جان سمالاڻي به قبائلي اڳواڻن سان گڏ هو. آل پاڪسان مري اتحاد جي اڳواڻن مهر الدين مري ۽ جهانگير مري به ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. مهردين مري چيو ته اسان جا مطالبا پورا ٿي ويا آهن، اسان ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا، اسان جا ٻيا مطالبا پڻ مڃيا ويا آهن. هوڏانهن خان آف قلات پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ مير نعمت مري سميت ڪجهه ڌرين ڌرڻو ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.