ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ 2 ڏينهن اڳ بدامني  خلاف ڌرڻو هڻڻ ۽ صوبائي وزير  عبدالباري پتافي جي گاڏي اڳيان احتجاج ڪندڙن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ پوليس سندن گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو، ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ويل پوليس تي مبينا طور حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ اي ايس آءِ سڪندر ڀٽو جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. واقعي جو ڪيس ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي گناه نمبر 182/2022 تحت جوابدارن فتاح شاه، مهراب پنهور، رضوان آڳرو، ذيشان ٻرڙو ۽ ان سان گڏ مهتاب تنيو، اياز پيرزادو، گلزار ڀنڊ خلاف داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته اسان جوابدار فتاح شاه ، رضوان آڳرو ، مهراب  کي گرفتار ڪرڻ لا۽ وياسين ته مٿين جوابدارن پوليس سان مزاحمت ڪئي ۽ ڏنڊا هڻي اي ايس سنڪدر ڀٽو جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آھي ڪيس ۾ پوليس تي حملي ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جا قلم لڳايا ويا آھن. ايف آء آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جوابدارن ھاٿا پائي ڪري اي ايس آء سڪندر ڀٽو جي وردي جا بٽڻ ٽوڙيا ۽ ڏنڊو لڳڻ سبب ٻانھن ۾ پاتل گھڙي(واچ)ڀڃي نقصان ڪيو آھي.